سنڌي ڪمپيوٽنگ

سنڌي ڪمپيوٽنگ :
سنڌي ڪمپيوٽنگ جيڪا هاڻي انساني ٻولين جي جديد ٽيڪنالاجيءَ جو نالو وٺي چڪي آهي اها ڪمپيوٽر کي سنڌي ٻوليءَ سان هيرائڻ، ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ڪمپيوٽر جي مڙني پروگرامنگ ۾ گڏائڻ کي چئجي ٿو. سنڌي ڪمپيوٽنگ جو آغاز عبدالماجد ڀرڳڙي 1987ع ۾ ايپل جي مئڪنٽاش ڪمپيوٽر تي استعمال ٿيندڙ عربي ۽ فارسي ورڊ پروسيسنگ جي پروگرام ‘الڪاتب’ ۾ تبديليون آڻي ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ سندس ليزر پرنٽر تي سنڌيءَ جو پهريون صفحو پرنٽ ٿي نڪتو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ جو پهريون انقلابي قدم هو. انهيءَ سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جي دنيا جا دروازا کُلي ويا. ان پروگرام تحت ڪمپيوٽر ذريعي سنڌيءَ ۾ ڪمپوز ڪيل انعام شيخ جو ڪالم ‘ڪَـکُ پـن’ روزانـه هلال پاڪستان اخبار ۾ ڇپيو. ائين سنڌي اشاعتي صنعت ۾ ڪمپيوٽر تي سنڌي ڪمپوزنگ جي ابتدا ٿي ۽ ڪمپازيٽرن جي جاءِ ڪمپيوٽرن ورتي، جنھن سان ڇپائيءَ جي ڪم ۾ تيزي، خوبصورتي ۽ چٽائي پيدا ٿي.
o عبدالماجد ڀرڳڙي پنهنجي لڳاتار محنت سان مارچ 1988ع تائين، عملي لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر تي استعمال لاءِ مڪمل سرشتو جوڙي ورتو، جنهن سان ڪمپيوٽر تي سنڌيءَ جو استعمال اوتري ئي سولائيءَ سان ممڪن بڻيو، جهڙو عربي، فارسي ۽ اردو وغيره لاءِ ان کان اڳ ۾ هو. جولاءِ 1988ع ۾، ايپل ڪمپنيءَ جي ڊسٽريبيوٽر طرفان هاڻوڪي ميريٽ هوٽل ۾، جيڪو تڏهن هاليڊي ان سڏبو هو، هڪ تقريب منعقد ڪري سندس (عبدالماجد ڀرڳڙي جي) ان تاريخي ڪم کي عوام ۽ خواص آڏو متعارف ڪرايو. ھن سرشتي تحت هلال پاڪستان وارن اخبار جي جُزوي ٽائپسيٽنگ ڪمپيوٽر وسيلي شروع ڪئي، پر عوامي آواز پهرين اخبار هئي، جنهن ڪمپوزنگ جو سڄو ڪم هن (سنڌي) سرشتي کي استعمال ڪندي ڪمپيوٽر وسيلي ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ جلد ئي سڀ اخبارون، ڪتاب ۽ رسالا ڪمپيوٽر وسيلي ڇپجڻ لڳا. 1990ع واري ڏهاڪي تائين سنڌي ڪمپيوٽنگ جو وڌ ۾ وڌ استعمال اشاعتي ۽ اخباري ادارا ئي ڪندا رهيا ۽ عام ماڻهن کي ان جي باري ۾ گھڻي ڄاڻ ڪانه هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ وري برک ماهر آءِ ٽي سيد اياز شاهه، ائپل ميڪ جي سرشتن ۾ استعمال ٿيندڙ سنڌي ٻوليءَ کي آءِ بي ايم ڪمپيوٽرن جي بنيادي پروگرامنگ ۾ داخل ڪرڻ جو ڪم سر انجام ڏنو.
o سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان 21 هين صدي جي ابتدا ۾ هڪ نئين دؤر جو آغاز ٿيو، سن 2000ع ۾ عبدالماجد ڀرڳڙي ‘مائڪرو سافٽ’ ڪمپني جي جڳ مشهور ڪمپيوٽر آپريٽنگ سـسـٽم ‘ونڊوز’ ۾ يونيڪوڊ جي آڌار تي، معياري سنڌي جو بنياد وجھڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جنھن جو نالو موجد پنھنجي نالي تي ‘MB SINDHI’ رکيو. گڏوگڏ ٻوليءَ جي لکت کي ھرممڪن حد تائين چٽو ۽ سھڻو بڻائڻ لاءِ ھن اکري لباس/ فونٽ (ايم بي لطيفي، ايم بي سنڌي ويب وغيرھ) پڻ جوڙيا. اڳتي ھلي ھن صاحب سنڌي ٻوليءَ جي اھڙي ‘اھليت’ مختلف ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽمس (ايپل ميڪنٽوش، لِنڪس ۽ ريڊ ھيٽ) لاءِ پڻ جاري ڪئي. جنهن سان يونيڪوڊ جي آڌار تي عربي رسم الخط کي سپورٽ ڪندڙ مڙني پروگرامن کي سنڌي لاءِ استعمال ڪرڻ ممڪن ٿيو، جن ۾ ڪمپوزنگ ۽ گرافڪس جا اعلى پروگرام مائڪروسافٽ آفس (ورڊ، پاور پوائنٽ، ايڪسل، ايڪسس، پبلشر) اڊوبي ان ڊيزائن، اوپن آفيس جو رائٽر وغيره به اچي وڃن ٿا.
o سنڌي ڪمپيوٽنگ پنهنجي ابتدائي دور مان گذري هاڻي ويب جي دنيا ۾ داخل ٿي، جنهن جي ڪري دنيا جي ويب سائيٽن، بلاگن ۽ سماجي نيٽورڪنگ تي عام استعمال ٿي رهي آهي. ويب سائيٽن تي هاڻي سنڌي ٻوليءَ جا فانٽ، پروگرامنگ ۽ بيهڪ بلڪل سنڌي ٻوليءَ جي بيهڪن جيان ڪم ڪري رهيا آهن.
o سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر تي اچڻ کانپوءِ ان جي استعمال ۾ ڏينھون ڏينھن پيش ايندڙ ضرورتن، گھرجن ۽ سھوليتن واسطي شخصي توڙي ادارتي بنيادن تي سلسليوار ھيٺيان ڪم ٿيا آھن:
o ڪمپيوٽر تي سنڌي لکت کي چٽو ۽ سھڻو بڻائڻ لاءِ اکري لباس/ فونٽ جوڙڻ جي ڪم ۾ عبدالستار سمون، شبير ڪنڀار، ثناءُ الله منڱڻيجو، احمد سومرو ۽ عرفان ڀٽو تمام سـٺو ڪم ڪيو آھي، جنھن سان سنڌي ٻوليءَ لاءِ بھترين فونٽ ورائٽي ميسر ٿي آھي.
o امر فياض ٻرڙي جو جوڙيل سنڌي اکر شناس (MB Samar) ۽ ان کانسواءِ سنڌي ٻوليءَ جي جديد پروگرامنگ AJAX& jQuery تي ھلندڙ ڪمن سان مستقبل ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ دڳ سنوان ٿيندي نظر اچي رھيا آھن.
o پنجابي ٻوليءَ تي اڳواٽ ڪم ڪندڙ صائمه اصغر سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ کي SVG (Scalble Vector Graph)جي بنيادي تاڃي پيٽي ۾ آڻي سنڌي ڪمپيوٽنگ جو ھڪ اھم سنگ ميل رکي ڇڏيو.
o محمد ابراھيم ميمڻ سمارٽ فونن لاءِ ڪتب ايندڙ آپريٽنگ نظام ائنڊرائڊ لاءِ سنڌي لکڻ واسطي سنڌي ڪيبورڊ جي ائپ تيار ڪئي آھي، جنھن جي مدد سان سمارٽ فونن تي سنڌي لکڻ ممڪن ٿي آھي.
o جواد رحمان ميمڻ ائپل آءِ فون ۽ آءِ پيڊ جي لاءِ ڪتب ايندڙ آپريٽنگ نظام iOS (iPhone Operating System)لاءِ سنڌي لکڻ واسطي سنڌي ڪيبورڊ جي ائپ تيار ڪئي آھي، جنھن جي مدد سان ائپل آءِ فون ۽ آءِ پيڊ تي سنڌي لکڻ ممڪن ٿي آھي.
o علي حسن ملاح ۽ سيما ڀٽو ننڍڙن ٻارن کي تعليم ڏانھن اتساھيندڙ ‘سنڌي ٻاراڻي ڪتاب’ جو پورٽل ۽ ائپ تيار ڪيو آھي.
o شبير ڪنڀار جا تيار ڪيل آن لائن سنڌي انسٽاليشن، سنڌي گرافيڪل ڊزائن توڙي سنڌي ڪمپيوٽنگ بابت مختلف موضوعن تي تيار ڪيل سِکيا وڊيوز۽ پي ڊي ايف فائل تمام اھم مددگار مواد جو ڪم ڏئي رھيا آھن.
o سنڌي ٻولي اٿارٽي Sindhi Language Authority پاران سنڌي ٻوليءَ جي سکيا جو آن لائن سنڌي پورٽل، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، سنڌي ورچوئل لئبرري سنڌي ڪمپيوٽنگ/ سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽل عمارت سازيءَ جا تاريخ ساز ڪم آھن. جيڪي تمام گھڻي محنت کان پوءِ انيس ڪاڪا، امر فياض ٻرڙي، فهد ميمڻ ۽ صائمه اصغر ٺاهي سنڌي ڪمپيوٽنگ کي مستقبل جي ‘لئنگئيج انجنيئرنگ’ لاءِ موزون بنائي ڇڏيو ۽ اڳتي هلي به هن شعبي ۾ ڪم هلندو رهندو.


لفظ سنڌي ڪمپيوٽنگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو